حيدراباد (اسٽاف رپورٽر) حيدرآباد ۾ سول سوسائٽيءَ پاران سافڪو جي باني ۽ سربراهه سليمان جِي ابڙو جي سالگره تقريب منعقد ڪري کيس سماجي خدمتن تي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سليمان جي ابڙو گذريل چئن ڏهاڪن کان مستقل مزاجيءَ سان سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهي، هن پنهنجي قائم ڪيل ادارن ذريعي هزارين نوجوانن کي روزگار ڏيڻ سان گڏ ماڻهن جي ذهني آبياري ۽ ڳوٺن جي ترقيء ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو آهي. حيدرآباد ڪلب ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ مختلف يونيورسٽين جي وائس چانسلرن، پروفيسرن، وڪيلن ۽ برک سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته سليمان جي ابڙو تڪبر کان آجو ۽ مستقل مزاج انسان آهي، سندس ٻانهن ٻيلي ساٿي به اهڙا ئي آهن، انهن جهڙِي محنت ۽ مستقل مزاجيءَ سان ئي سنڌ مٿي اڀري ايندي ۽ خيرات تي هِريل ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگھندا. هن وڌيڪ چيو ته سليمان جي ابڙو وانگر اسان سڀني جو فرض آهي ته ماڻهن جي مدد ڪريون، سندن همٿ وڌائي کين صحيح راهه ڏيکايون، تڏهن ئي پنهنجي وطن ۾ تبديلي آڻي سگھنداسين. وڪيل اڳواڻ يوسف لغاريءَ چيو ته سليمان جي ابڙو گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي، هن جون نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ سماجي خدمتون آهن. هو هر ماڻهوءَ کي عمر ۽ سماجي حيثيت وارو فرق ڏسڻ بغير عزت ۽ احترام ڏيندو آهي.
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو جام جي وائس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ چيو ته سنڌ ۾ سافڪو جون 56 شاخون بي پهچ ماڻهن کي بئنڪن تائين رسائي ڏياري رهيون آهن، جيڪو ڪم بنگلاديش ۾ ڊاڪٽر يونس ڪيو، ان وانگر سليمان جي ابڙو به نوبل پرائيز جو حقدار آهي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد چيو ته سليمان جي ابڙو پنهنجي مزاج ۽ عمل ۾ سنڌ جو بي مثال ڪردار آهي، هر ماڻهو هن جي رستي تي هلي ته ملڪ جو ڀلو ٿي پوي. ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر چيو ته سليمان جي ابڙو 1980ع واري ڏهاڪي کان مستقل مزاجيءَ سان سماجي خدمتن جو سفر شروع ڪيو ۽ مختلف ادارا قائم ڪري هزارين نوجوانن کي روزگار ۽ تربيت فراهم ڪرڻ سان گڏ ٻهراڙين جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
پروفيسر عبدالمجيد چانڊئي چيو ته سافڪو عالمي ادارن جي مدد سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ کي بين الاقوامي سطح تي مڃائي چڪو آهي. پنهنجي خطاب ۾ سليمان جي ابڙو سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي ڏنل هيءَ عزت منهنجو حوصلو وڌائي ٿي ۽ اڃان به وڌيڪ جاکوڙڻ لاءِ اتساهه بخشي ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، اسان ڏيهه پرڏيهه ۾ جيڪو سکيو آهي، اهو ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اسان سماجي تبديليءَ لاءِ ماڻهن جي ذهني آبياري ڪئي، ٻهراڙي جي پٺتي پيل ماڻهن کي سماجي ترقيءَ جي مُکيه ڌارا ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. دنيا جي مختلف ملڪن مان سبق حاصل ڪري اسان ماڊل وليج ٺاهي ڏنا، نه رڳو ماڻهن کي هزارين گھر ٺهرائي ڏنا، پر ڳوٺن جا ڳوٺ رجسٽر پڻ ڪرائي ڏنا آهن. هن چيو ته ٻهراڙيءَ ۾ زرعي ٽيڪنالاجيءَ جي کوٽ آهي، اتان جا ماڻهو زرعي شعبي جي ڪاروبار ۽ روانگي واپار جي ادارن کان ڪٽيل ۽ جديد سهولتن کان محروم آهن، انهن جي ڀلائيءَ لاءِ سنڌ ۾ ٻيا به ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر گڏيل سوچ نه هئڻ ڪري اسان جا خواب ساڀيا نه ماڻي سگھيا آهن. ان باوجود اسان همٿ نه هاري آهي، اسان جو عزم اڄ به چاليهه سال اڳ وارو آهي. هن چيو ته نوجوان طبقو اسان جي اميد آهي، اسان کي گھرجي ته نوجوانن جي خامين ۽ ارڏاين کي صبر سان برداشت ۽ نظر انداز ڪري کين اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏيون، پنهنجي علم ۽ عمل ذريعي جيترو بهتر ڪري سگھون ٿا اهو ڪندا رهون ته اسان ضرور ڪاميابيون ماڻينداسين ۽ سماجي معاشي ترقيءَ وارو خواب ضرور حقيقت جو روپ ڌاريندو.
تقريب کي پروفيسر غلام علي جاريڪو، اقبال ميمڻ، ڊاڪٽر يامين ميمڻ، شوڪت ابراهيم ابڙو، ممتاز بانو شيخ، زيب النساءِ ملاح، ، سيد سجاد علي شاهه، الطاف نظاماڻي، زاهده ڏيٿو، شهناز شيدي، اقرا شعيب، آمنه ميمڻ، عشرت فاطمه، سيد زنوار نقوي، مصطفيٰ بلوچ، ناصر پنهور، اڪبر سومرو، عزيز گوپانگ، ذوالفقار هاليپوٽو، ذوالفقار قادري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ سليمان جي ابڙو کي اجرڪ، گلدستا ۽ ٻيا تحفا پيش ڪري سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون.