لاهور: (اڱارو: 18 اپريل 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته توهين عدالت تي اڳ يوسف رضا گيلاني نااهلي ڀوڳي، هاڻ شهباز شريف ڀوڳيندو.
پي ٽي آءِ چيئرمين سان چوڌري پرويز الاهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ ٽڪيٽن تي مشاورت ٿي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃي حڪمران غلط روايت وجهي رهيا آهن، توهين عدالت تي اڳ ۾ يوسف رضا گيلاني نااهلي ڀوڳي، هاڻ شهباز شريف ڀوڳيندو.
پرويز الاهي چيو ته نااهل حڪمرانن کي پنهنجي هر غيرآئيني قدم جو جواب ڏيڻو پوندو، شهباز شريف اقتدار سان چنبڙيل رهڻ چاهي ٿو، پوءِ ڀلي کيس آئين ڇو نه ٽوڙڻو پئي.
