سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي اڄ پريس ڪلب بدين اڳيان قبائلي تڪرار ۾ شهيد ڪيل پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو
بدين | رپورٽ | روشن الدين ڪوريجو 17-4-2023 سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي اڄ پريس ڪلب بدين اڳيان قبائلي تڪرار ۾ شهيد ڪيل پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سيد حيدر شاهه، دانش نور، ماجد انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن سازشون ڪندي سنڌ جو امن داءٌ تي لڳائي ڇڏيو آهي پوري سنڌ ۾ هن وقت بدامني جي ور چڙهيل آهي قبائلي تڪرارن سنڌ جو امن برباد ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پڙهيل لکيل ٻاهرين ملڪن کان پڙهي آيل پي ايڇ ڊي هولڊر به محفوظ ناهن. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جو نوٽيس وٺي هن بيگناهه قتل ۾ ملوث جوابدارن کي في الفور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.