ڪراچي: (سومر: 17 اپريل 2023ع) عوام کي چورن ۽ ڦورن کان محفوظ رکڻ لاءِ قائم پوليس کاتي جو اهلڪار پاڻ ئي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪاررواين ۾ ملوث نڪتو.
ڪراچي پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته اسان پوليس اهلڪار ذيشان کي سندس ٻين ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايئرپورٽ پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار ڊسٽرڪٽ ايسٽ ۾ انويسٽيگيشن کاتي ۾ مقرر ٿيل آهي. جوابدار پنهنجن ٻن ساٿين سميت گذريل ڏينهن شهري کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي، واردات دوران شهري کان روڪ رقم سميت ٻيو سامان به ڦر ڪيو ويو.
پوليس موجب موٽر سائيڪل جي ٽريڪنگ دوران لوڪيشن پوليس لائين شاهراهه فيصل جي سامهون آئي هئي، موٽر سائيڪل ايس ايس پي ايسٽ آفيس جي پٺيان سوسائٽي ۾ بيهاري وئي هئي جنهن کي ملير انويسٽيگيشن پوليس ڇاپو هڻي هٿ ڪري ورتو.
متاثر ماڻهن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس اهلڪار طرفان هڪ 125 موٽر سائيڪل، ٻه عدد موبائيل فون ۽ هڪ لک روپيه روڪ رقم ڦر ڪئي وئي آهي.