26

قومي اسيمبلي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊن جي رٿ اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (سومر: 17 اپريل 2023ع) قومي اسيمبلي پنجاب جي چونڊن لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ بابت رٿ اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي.
اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ڪابينا طرفان ريفر ڪيل سمري رٿ طور ايوان ۾ پيش ڪئي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي قومي اسيمبلي جي منظوري بنا فنڊ جاري نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.
قومي اسيمبلي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 21 ارب رپين جي فنڊ جي ضمني گرانٽ جي ڊمانڊ اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏي.
رٿ منظور ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي 12 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں