ڪراچي: (سومر: 17 اپريل 2023ع) ڪراچي جي مقامي عدالت فراڊ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر علي زيدي جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. پي ٽي آءِ وڪيلن طرفان ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ علي زيدي کي پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران علي زيدي جي وڪيل چيو ته مدعي ڪيس جي پراڻي بابت ڪوبه دستاويز پيش ناهي ڪيو ويو. 2013 کان هينئر تائين ڪابه درخواست ناهي ڏني وئي. ڇا پوليس کي اهو اختيار آهي اهڙي طرح جي ڪيسز ۾ ڪيس داخل ڪري. ڪيس جي مدعي فضل الاهي ايتري وڏي رقم ڏني آهي جنهن جو ڪوبه گواهه نه آهي. علي زيدي کي ضابطه فوجداري جي سيڪشن 63 ۾ ڊسچارج ڪيو وڃي.
جوڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ جاچ آفيسر علي زيدي جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي ٻڌايو ته الزامن جي جاڇ لاءِ ريمانڊ ضروري آهي. علي زيدي جي وڪيلن ريمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته ٽرانزيڪيشن ڪيئن ٿئي ٿي، ايف آءِ آر ان حوالي سان خاموش آهي. ڪوبه بينڪ چيڪ وغيره ڪجهه به مدعي طرفان پيش ناهي ڪيو ويو.
عدالت ۾ بيان ڏيندي علي زيدي چيو ته مان انهي ماڻهو سان ڪڏهن مليو ئي نه آهيان. مان ته کيس سڃاڻان ئي نٿو. مون وٽ ايتري وڏي رقم نه آهي. ايف بي آر کان منهنجو رڪارڊ چيڪ ڪرائي وٺو. جنهن ڏينهن جو واقعو ٻڌايو پيو وڃي مان ان ڏينهن ملڪ ۾ موجود نه هئس. اها ڪوڙي ايف آءِ آر آهي. سڃاڻپ ڪارڊ موجب مدعي ڪيس جي عمر 2013 ۾ 22 سال بڻجي ٿي. علي زيدي طرفان پاسپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت پي ٽي آءِ وڪيلن جي علي زيدي کي ضابطه فوجداري جي قلم 64 جي تحت ڪيس رد ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.