خيرپور | رپورٽ| فهيم زيدي 17-4-2023 سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن مٿان يونيورسٽي انتظاميا طرفان جائز حق گهرڻ تان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرڻ واري عمل خلاف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ملازمن پاران يونين آفيس کان ايڊمن بلاڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي صدر حاڪم ڦلپوٽو، عبدلوحيد سانگري، گلمير ڪٽوهر ،لطيف ڏنو ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جائزحق گهرڻ تان آل سنڌ يونيورسٽي فيڊريشن جي چيئرمين محمد علي گهانگهرو سميت 22 ملازمن مٿان ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هتي جهموريت نه پر آمريت آهي جيڪو به پنهنجا حق گهرندو ان کي جيل موڪليو ويندو يونين اڳواڻن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي ڀل آهي ته هو ملازمن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪرائي انهن کي حراسان ڪري انھن جو آواز دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ھنن چيو ته سموري سنڌ جي يونيورسٽين جا ملازم سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن سان گڏ آهن هنن موجوده حڪمرانن کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي ملازمن مٿان داخل ڪوڙي ايف آئي آر ختم ڪئي وڃي.
