15

سعودي عرب طرفان پاڪستان کي 2 ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا ويا آهن: وزيراعظم

اسلام آباد: (سومر: 17 اپريل 2023ع) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب جي مهرباني سان پاڪستان کي 2 ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا ويا آهن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ معاشي چيلنجز مان گذري رهيو آهي. سعودي عرب جي مهرباني سان پاڪستان کي 2 ارب ڊالر وڌيڪ ڏنا ويا آهن. يو اي اي طرفان به هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي اها به شرط پوري ٿي وئي. ان جي باوجود ناڻي جي مٽاسٽا جي صورتحال تمام گهڻي نازڪ آهي.

وزيراعظم شهباز شريف روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل مذهبي معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مفتي عبدالشڪور انتهائي ايماندار ۽ سلڇڻو انسان هو. اسان موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪابينه ميمبرن جون پگهارون سرنڊر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مفتي عبدالشڪور مون کي چيو ته منهنجو هن پگهار کان سواءِ گذارو ممڪن ناهي. گذريل سال حج جا بهترين انتظام ٿيا جنهن جو ڪريڊٽ مفتي عبدالشڪور ڏانهن وڃي ٿو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں