21

آر او ۽ يو ايف پلانٽ جي ملازمن جو اٺن مهين کان پگهارون نه ملڻ تي علامتي بک هڙتال چوٿين ڏينهن به بدين پريس ڪلب اڳيان جاري

بدين | رپورٽ |روشن الدين ڪوريجو 17–4-2023 آر او ۽ يو ايف پلانٽ جي ملازمن جو اٺن مهين کان پگهارون نه ملڻ تي علامتي بک هڙتال چوٿين ڏينهن به بدين پريس ڪلب اڳيان جاري، انهي موقعي تي اڳواڻن عبدالغفار چانڊيو، بشير خان پنهور، حيدر رند، مير ولي محمد ۽ ٻين چيو ته گذريل اٺن مهينن کان اسان کي پگهارون نه مليون آهن رڳو دلاسا ۽ آسرا ڏنا وڃن ٿا هن عيد جي موقعي تي به اسان ملازمن کي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن جنهن جي ڪري اسان جا ٻچڙا عيد جي خوشين کان به محرو م ٿي ويندا. هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ جي ڪري اسان جي گهرن ۾ فاقه ڪشي جي نوبت آهي. هنن چيو ته پگهارون ملڻ تائين احتجاج طور بدين ضلعي جا سمورا آر او ۽ يو ايف پلانٽ چار ڏينهن کان بند آهن ۽ پگهارون جاري ٿيڻ تائين بند رهندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں