ڪراچي: (سومر: 17 اپريل 2023ع) سنڌ جي اطلاعات بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آدمشماري تي سنڌ حڪومت کي خدشا آهن جن بابت وفاق کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. زلمي خليل زاد آمريڪا ۾ ويهي پاڪستان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.
سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آدمشماري تي سنڌ حڪومت کي خدشا آهن، پنهنجن خدشن بابت وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. وفاق خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.
صوبائي وزير چيو ته اسان پيپلز بس سروس جي ڀاڙي ۾ واڌ نه پيا ڪريون، سنڌ حڪومت سبسڊي ڏيندي. عيد تي ته ٽرانسپورٽرز ڀاڙا وڌائيندا آهن جيڪو به ٽرانسپورٽر اهڙو ڪم ڪندو ان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪنداسين. بليڪ ميلنگ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. هن ٻڌايو ته اي وي بسن جا 2 نوان روٽس شروع ڪيا ويا آهن، سڀاڻي هڪ ٻئي اي وي بس جو روٽ شروع ڪيو پيو وڃي. اهو روٽ ضلع وسطي کان شروع ٿيندو ۽ ٽاور تي ختم ٿيندو.
هن چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت گهٽ ڪرڻ جو جعلي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار روپيه مقرر ڪئي آهي هنن جو مقصد اهو هو ته حڪومت کي 4 هزار ۾ ڪڻڪ نه ڏني وڃي پرائيويٽ ماڻهن کي ڏني وڃي. ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي ڊسٽرڪٽ وائز به ڏٺو پيو وڃي.
شرجيل ميمڻ زلمي خليل زاد کي فراڊي قرار ڏيندي چيو ته زلمي خليل زاد تي مني لانڊرنگ جو الزام آهي. مني لانڊرنگ جي سنجيده الزامن تي آمريڪي حڪومت جاچ ڪر ي رهي آهي. زلمي خليل زاد هڪ لابسٽ جيان آمريڪا ۾ ويهي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي کيس اهو حق ڪنهن ڏنو آهي.
صوبائي وزير چيو ته عمران خان ۽ زلمي خليل زاد طالبان جا حمايتي آهن. ٻئي چور ۽ ٺڳ هڪ پليٽ فارم تي جمع ٿي ويا آهن. عمران خان اقتدار کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ شخص کي منٿون ڪري رهيو هو. هو هن ملڪ خلاف هڪ ٻئي سازش ڪري رهيو آهي. عمران خان پاڪستان کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچايو آهي.
شرجيل ميمڻ عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي ججز ۾ اختلافن جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ عمران خان جي ڪري سپريم ڪورٽ ۾ 2 سوچون آهن. بينظير ڀٽو چيو هو ته اسان ڪڏهن به عدالت سان جهيڙو نٿا چاهيون. اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري زرداري حڪومت خلاف مهم هلائي. اسان تعصب جي سوچ نٿا رکون. اسان جي حقن تي راتاهو هنيو ويو ته اسان ان شيءَ کي قبول نه ڪنداسين