ڪراچي: (ڇنڇر: 15 اپريل 2023ع) موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ کان برساتن جي نئين سلسلي جي شروع ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جيڪو 20 اپريل تائين جاري رهندو.
موسميات کاتي موجب مينهن وسائيندڙ سسٽم 15 اپريل تي پاڪستان جي مٿانهن علائقن ۾ داخل ٿيندو، جيڪو اولهندي ۽ سينٽرل علائقن تائين پکڙجي ويندو، نئين سسٽم سبب مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي پاران ڪٿي تيز ۽ ڪٿي ڳڙي سان برسات جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 15 اپريل کان 20 اپريل دوران ڪي پي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، پنجاب ۽ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي تيز ۽ ڳڙي سان برسات جو امڪان آهي.
سنڌ ۾ سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي
