اسلام آباد: (ڇنڇر: 15 اپريل 2023ع) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي سياستدانن کي گڏ ويهارڻ جي ڪوششن ۾ هاڪاري اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته سراج الحق اڄ 3 رڪني وفد سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان کانپوءِ سراج الحق وفد سان گڏ زمان پارڪ پهتو، جتي هن عمران خان سان ملاقات ڪئي.
واضح رهي ته سراج الحق ڪجهه ڏينهن اڳ به عمران خان سان مليو هو.
