19

علي زيدي جي گرفتاري تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو ردعمل سامهون اچي ويو

لاهور: (ڇنڇر: 15 اپريل 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سينئر اڳواڻ علي زيدي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو سڀ لنڊن پلان جو حصو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته نواز شريف کي پي ٽي آءِ کي چٿڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي، پي ٽي آءِ جا 3 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ۽ اغوا ٿيا، اڳ ۾ علي امين ۽ هاڻ علي زيدي کي اغوا ڪيو ويو آهي.
سندس موجب هڪ نئون منصوبو آهي ته 27 رمضان يا عيد کانپوءِ زمان پارڪ ۾ پوليس پلس ايڪشن ٿيندو، انهن جو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجهه اسان کي چونڊون ٿيڻ جي صورت ۾ ڪمزور ڪري ڇڏيندو، واضح طور چوان ٿو ته عوام جي ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي، اهو سڀ نه هلندو، اهي لنڊن جي ان منصوبي جو نتيجو چونڊن ۾ ڏسندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں