25

خيرپور ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي

خيرپور | رپورٽ | فهيم زيدي 15-4-2023 خيرپور ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ خوراڪ کاتي جي عملدارن جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ڪڻڪ سان ڀريل سوين گاڏيون تحويل ۾ وٺي هزارين مڻ ڪڻڪ فوڊ گدامن ۾ لائي ورتي ڊي ايف سي منور علي ميراڻي ۽چيئرمين اينٽي ھارڊنگ ڪاميٽي ظهير عباس شر جي هدايتن تي فوڊ انسپيڪٽر علي مردان نائچ جي اڳواڻي ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن پاران ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ رسول آباد، ٽڊومستي، ڪوٺ لالو، ٻٻرلو سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري ڪڻڪ سان ڀريل سوين گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ھزارين مڻ ڪڻڪ فوڊ گدامن تي لائي ورتي آهي ان سلسلي ۾ ڊي ايف سي منور علي ميراڻي، ۽ چيئرمين اينٽي ھارڊنگ ڪاميٽي ظهير عباس شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته ڪڻڪ جو رڪارڊ پورو ڪرڻ لاءِ خوراڪ کاتي جا سمورا عملدار ۽ ملازم رات ڏينهن محنت ڪري رهيا آهن ۽ مختلف جگاهن ته چيڪ پوائنٽ قائم ڪري ٻين شهرن طرف ڪڻڪ جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون هي ڪم جاري رکيو ويندو جنهن ڪڻڪ جو رڪارڊ مڪمل ڪري سگهجي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں