حيدرآباد: (ڇنڇر: 15 اپريل 2023ع) ايس جي ايس ٽي طرفان عيدگاهه جي پارڪنگ گرائونڊ تي موٽرسائيڪل هلائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته قاسم آباد جي انتظاميا ڇوڪرين کي موٽرسائيڪل هلائڻ کان روڪيو ۽ چيو ته تعلقه ميونسپل آفيسر اسان کي حڪم ڏنو آهي ته ڇوڪرين کي موٽرسائيڪل هلڻ نه ڏيو ۽ گرائونڊ هنيئر ئي خالي ڪرايو.
اهڙي واقعي جي مذمت ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، مرڪزي سينئر نائب صدر عمره سمون، مرڪزي جنرل سيڪريٽري زرقا هاليپوٽو، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ ۽ افشين ميمڻ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي حڪمرانن ملڪ کي معاشي بحران جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، مهانگائي جي ڪري ماڻهو پنهنجا ٻار وڪڻڻ تي مجبور آهن، اتي ان مهنگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جون نياڻيون، ڀينرون ۽ مائرون جڏهن ٻين هنرن سان گڏ موٽرسائيڪل هلائڻ جو هنر سکي رهيون آهن ته ان تي نام نهاد انساني حقن جي علمبردارن کي اعتراض آهي. تاريخي طور سنڌ جون عورتون هنري ۽ علمي سرگرمين ۾ حصو وٺنديون رهيون آهن. لطيف ۽ سچل جهڙا سنڌ جا عظيم ڪردار عورتن جي جدوجهد کي سارهيندا رهيا آهن پر آمريڪي نواز ضيائي ٽولي سنڌ ۾ جاگيرداري نظام کي قبر مان ڪڍي جيئاريو آهي. ضيائي ٽولي کي خوف آهي ته جيڪڏهن سنڌ جون سورميون اٿي پيون ته هنن جي ڦرلٽ بند ٿي ويندي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا نه هڻي سگهندا، سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي ماڻهن جا لاش ڏيکاري بين الاقوامي امداد هڙپ ڪري نه سگهندا، ان ڪري انهن سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن مٿان جاگيرداري نظام مسلط ڪري سنڌ جي ماڻهن خصوصن عورتن کي بدترين غلامداري نظام کان به وڌيڪ غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي.
سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي اڳواڻن موٽر سائيڪل جي سکيا جا ڪلاس جاري رکڻ جو اعلان ڪندي سنڌ جي ساڃاه وندن، اديبن، صحافين، قلمڪارن، وڪيلن، شاعرن ۽ فنڪارن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي قاسم آباد انتظاميا جي اهڙي عورت دشمن روش جي مذمت ڪئي وڃن
