23

گهر ۽ آدمشماري ۾ رهيل ڪم ٻن ڏينهن اندر مڪمل ڪيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا

خيرپور | رپورٽ | فهيم زيدي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو آهي تہ گهر ۽ آدمشماري ۾ رهيل ڪم ٻن ڏينهن اندر مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز مختيارڪار ۽ تيپيدار سميت ٻين روينيو عملدارن کي سروي ۽ شماري واري ڪم ۾ مقرر ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي سي آفيس ۾ گهر ۽ آدم شماري جي حوالي سان ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو تہ جيڪي ماڻهو باهران آيل آهن يا ڪنهن گهر ۾ اسٽاف جي وڃن جي وقت گهرن جي تفصيل نه ملي سگهي آهي ان بابت ٻيهر ٽيم موڪلي ڪم وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي گهر ۽ آدم شماري جي انچارج ٻڌايو ته ڪجهه تعلقن ۾ فيمليز نه هجڻ ڪري تفصيل نه ملي سگهيا آهن جنهن سبب ٺاهيل بلاڪ جو ڪم مڪمل ناهي ٿيو. هن ٻڌايو ته 2017 ۾ جيڪي بلاڪ سسٽم هيو هاڻ 2023 ۾ اهو تبديل ٿيو آهي جنهن سبب بلاڪ جو انگ وڌي ويو آهي. ڊي سي خيرپور اٺن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ هو ذاتي طور مقرر اسٽاف سان سهڪار ڪندي روينيو عملدارن کي پڻ مقرر ڪندي ٻن ڏينهن اندر ڪم مڪمل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں