لاهور: (جمعو: 14 اپريل 2023ع) وفاقي حڪومت کانپوءِ پنجاب جي نگران حڪومت به عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت عيد تي 21 کان 25 اپريل تائين موڪلن جو اعلان ڪيو هو.
هاڻ پنجاب حڪومت طرفان به عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي نگران حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب عيد تي 5 ڏينهن موڪل هوندي، وفاق جيان صوبي ۾ به 21 کان 25 اپريل تائين عيد جون موڪلون هونديون.
