23

ملڪ ۾ 30 روزا ٿيندا يا نه؟ فلڪياتي ماهر ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي: (جمعو: 14 اپريل 2023ع) فلڪياتي ماهر ڊاڪٽر جاويد اقبال چيو آهي ته 20 اپريل تي عيد جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان ناهي.
ڊاڪٽر جاويد اقبال موجب 20 اپريل تي مڪمل سج گرهڻ هوندي، سج گرهڻ جو مشاهدو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ نه ڪري سگهبو، سج گرهڻ جي شروعات صبح 6 لڳي 34 منٽن تي ٿيندي ۽ پڄاڻي 12 وڳي تائين ٿيندي.
هن ٻڌايو ته سج گرهڻ دوران 9 لڳي 15 منٽن تي چنڊ جي پيدائش ٿيندي، 20 اپريل تي سج لٿي وقت چنڊ جي عمر 9 ڪلاڪ 45 منٽ هوندي.
سندس چوڻ هو ته 20 اپريل تي چنڊ جي عمر نظر اچڻ لاءِ تمام گهٽ آهي، تنهن ڪري عيدالفطر 22 اپريل ڇنڇر تي ٿيندي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں