دادو: (جمعو: 14 اپريل 2023ع) دادو ۾ لغاري برداري پاران فضيلا لغاري جي اغوا ۽ نڪاح مٿان نڪاح خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امداد حسين لغاري، فضيلا جي پيءُ رانجهن لغاري، محمد حسين لغاري، محرم لغاري، غلام قادر لغاري ۽ ٻين چيو ته 26 ڏينهن اڳ ڳوٺ ياسين لغاري مان ڇوڪري اغوا ٿي آھي، جنهن بعد ناري سان هٿيارن جي روز تي نڪاح ڪيو ويو آهي، جيڪو شرعي محمدي موجب نڪاح مٿان نڪاح ناجائز آهي، فضيلا جي هڪ سال اڳ منور لغاري سان نڪاح ٿيل آهي، جنهن جو نڪاح نامو، فوٽو ۽ شادي جي ويڊيو موجود آهن پر ايم اين اي دادو جوهي رفيق جمالي هڪ اغوا ڪار هٿياربند جو ساٿ ڏئي سڄي لغاري برداري جي تذليل ڪئي آهي، هن مهل تائين ايم اين اي رفيق جمالي واقعي ۾ ڌر بڻيل آهي.
هنن چيو ته اسان ڊاڪٽر بنده لغاري ۽ ايم پي اي سجيلا لغاري جي فيصلي کي قبول نه ٿا ڪيون، ڇاڪاڻ جو دادو جوهي ايم اين اي جا ماڻهون آهن، اسان جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي پر جوهي ۽ پٽ گل محمد پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي اسان صرف پنهنجي نياڻي جي بازيابي گهري رهيا آهيون.
