لاهور: (جمعو: 14 اپريل 2023ع) لاهور هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ عمران خان جي 26 اپريل تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.
جسٽس علي باقر نجفي پي تي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي 19 مارچ واري تقرير خلاف حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي شروع ڪندي چيو ته 10 منٽن ۾ نه پر 5 منٽن ۾ اچي وڃو.
ڪجهه دير کانپوءِ عمران خان عدالتي ڪمري ۾ پهتو ته عدالت ۾ جمعي جي نماز ادا ڪئي وئي ۽ جسٽس علي باقر نجفي ۽ عدالتي عملو جمعي جي نماز لاءِ روانو ٿي ويو.
وقفي کانپوءِ ٻڌڻي شروع ٿي ته عدالت عمران خان جي وڪيل کي ايف آءِ آر پڙهڻ جي هدايت ڪئي.
جسٽس علي باقرنجفي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي ضمانت وٺڻ چاهيو ٿا؟ وڪيل عمران خان جواب ڏنو ته اسان لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ چاهيون ٿا، 18 اپريل تي اسلام آباد وڃي رهيا آهيون، لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهيون ٿا.
جسٽس علي باقر نجفي عمران خان جي 26 اپريل تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت ايندڙ تاريخ تائين لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
