ڪراچي: (جمعو: 14 اپريل 2023ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صحت کاتي بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو، صحت واري سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
ملاقات ۾ پلازما پراڊڪٽس جي پيداوار تي بحث ڪيو ويو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انساني رت ۾ پلازما 50 کان 55 سيڪڙو هوندو آهي پلازما ايڪٽ ٽراما، بيڪٽيريل ۽ وائرل انفيڪشن، مدافعتي نظام، آٽو ايميون ڊيز ۽ ٻين صحت جي مسئلن ۽ بيمارين جي علاج لاءِ مفيد آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پلازما پراڊڪٽس لاءِ سيڙپڪاري ڪئي وڃي.
وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پلازما پراڊڪٽس لاءِ چين ۽ ٻين ملڪن سان ڳالهيون ڪندو.
قانون ۾ ضروري ترميمون ڪرڻيون آهن اهي به ٻڌايون وڃن
