25

جروار: يارولنڊ ويجهو عورت پراسرار نموني فوت، پوليس مڙس کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

جروار: (جمعو: 14 اپريل 2023ع) يارولنڊ ويجهو عورت پرسرار نموني فوت ٿي وئي، پوليس سندس مڙس کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
ڳوٺ سڪندر پتافي ۾ پنجاب جي ناري عابد عرف فاطمه پر اسرار نموني فوت ٿي وئي اطلاع ملڻ تي پوليس فوتي عورت جو لاش سول اسپتال ميرپورماٿيلو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو.
هوڏانهن يارولنڊ پوليس فوتي عورت جي مڙس سڪندر لنڊ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس موجب ته جاچ ڪري رھيا آھيون، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ناري جي مڙس ٻڌايوته مان پنجاب مان ٽي لک عيوض ناري ورتي ھئي، جنھن سان مون پنج مھينا اڳ نڪاح ڪيو ھو، جيڪا اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي ويئي آھي، تشدد ڪري مارڻ جا الزام بي بنياد آھن.
ذريعن موجب ته مڙس بخت علي عرف بختو پتافي کيس ناري مٿان تشدد ڪيو آھي، جنھنڪري ھو فوت ٿي ويئي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں