اسلام آباد: (خميس: 13 اپريل 2023ع) وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيوگهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب عيدالفطر جون موڪلون 21 اپريل جعي کان 25 اپريل اڱاري تائين هونديون.
عيدالفطر جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن گهرو وزارت طرفان جاري ٿيندو، موڪلن جي منظوري ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي ڏني وئي آهي.
هوڏانهن مرڪزي هلال رويت ڪميٽي جو اجلاس 20 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو، اجلاس ۾ شوال جي چنڊ بابت اعلان ڪيو ويندو
