23

قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ ٽوڙڻ جو قرارداد منظور

اسلام آباد: (خميس: 13 اپريل 2023ع) قومي اسيمبلي چيف جسٽس جي پاڻمرادي نوٽيس بابت 8 رڪني بئنچ ٽوڙڻ جو قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.
قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آغا رفيع الله سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جي بالادستي بابت قرارداد پيش ڪيو.
قرارداد ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي ٻڌڻي لاءِ بئنچ مقرر ڪرڻ جي مذمت ڪندي 8 رڪني بئنچ کي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ آئين ساز ادارو آهي، آئين سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، اهو سپريم ڪورٽ جي مداخلت کي ڳڻتيءَ جي نظر سان ڏسي ٿو، سپريم ڪورٽ غير منصفاڻا فيصلا ڪري رهي آهي.
قرارداد جي متن موجب هي ايوان سپريم ڪورٽ طرفان بل خلاف درخواست وٺڻ جي مذمت ڪري ٿو ۽ ان بئنچ ۾ سينئر ترين جج کي شامل نه ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿو.
آغا رفيع الله طرفان پيش ڪيل قرارداد قومي اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں