24

قومي اسيمبلي پنجاب ۾ چونڊ خرچن بابت بل جي تحريڪ اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (خميس: 13 اپريل 2023ع) قومي اسيمبلي پنجاب ۾ چونڊ خرچن بابت بل جي تحريڪ اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي.

اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي بابت قائمه ڪميٽي طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ چونڊ خرچن بابت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه بل کي رد ڪري ڇڏيو هو.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پنجاب ۾ چونڊ خرچن بابت بل جي تحريڪ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي گڏيل طور تي رد ڪيو ويو.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ ٽيڪس قانون ترميمي بل به پيش ڪيو. ايوان بل جي شق وار منظور ڏئي ڇڏي.

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ايم اين اي سائره بانو چيو ته تعليم واري وزارت تحت سرڪاري گاڏين جي انگن بابت سوالن جا جواب ناهن ملي سگهيا ان کان اڳ به پڇيل سوالن جا جواب ناهن مليا. ڇا اهي ايترا مشڪل آهن جو جواب نه پيو ڏنو وڃي. اسپيڪر چيو ته اڳ به رولنگ ڏني هئي ته جيڪڏهن جواب نه مليو ته سبب کان آگاهه ضرور ڪيو وڃي.

سائره بانو سوالن جا جواب نه ملڻ تي سڌو سنئون وزيراعظم سان مخاطب ٿي وئي. هن چيو ته اوهان جا وزير ڪم نه پيا وزيرن جو تعداد ته وڌيڪ آهي پر ڪم نه پيا ڪيا وڃن. اجلاس دوران اسپيڪر چيو ته اوهان پارليامينٽ جون ميمبر آهيو، ڪنهن سان سڌو سنئون نٿيون ڳالهائي سگهو. جنهن تي سائره بانو چيو ته وزير ڪم نه پيا ڪن انهن جي باري ۾ ته آگاهي ڏيڻ ڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں