20

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي عملدرآمد روڪيو ويو، حڪم نامو جاري

اسلام آباد: (خميس: 13 اپريل 2023ع) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل بابت عدالت عظميٰ جي 8 رڪني بئنچ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي عملدرآمد ايندڙ حڪم تائين روڪيو ويو آهي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صدر بل تي صحيحون ڪري يا نه ڪري، ٻنهي صورتن ۾ بل تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي.
حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل کي عدليا جي معاملن ۾ مدالخت ۽ عدليا جي آزادي جي خلاف قرار ڏنو ويو آهي.
ياد رهي ته ايندڙ ٻڌڻي 2 مئي تي ٿيندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں