راولپنڊي: (خميس: 13 اپريل 2023ع) بلوچستان ۾ تربت جي علائقي گشڪور ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي ٽن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب گشڪور ۾ آپريشن دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن لاءِ دهشتگردن جي فرار ٿيڻ جا رستا بند ڪيا ويا، مسلسل نگراني ۽ انٽيليجنس ذريعي ٺڪاڻن جو پتو لڳايو ويو، اهلڪارن هيلي ڪاپٽر ذريعي آپريشن ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ ڪيو ويو
