23

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جا اڳواڻ سينئر صحافين جي عيادت لاءِ ڀان سيدآباد پهچي ويا

ڀان سيدآباد: (اربع: 12 اپريل 2023ع) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻن پاران ڀان سيدآباد جي سينئر صحافين جي عيادت، محمد اسحاق ۽ محمد عثمان سڄي ڄمار صحافت کي ارپي ڇڏي، کين اڪيلو نه ڇڏينداسين، حڪومت کي به پرگهور لهڻ گهرجي: خالد کوکر ۽ ٻيا تفصيل موجب
پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئي پرڪاش موراڻي ۽ ٻين ڀان سيدآباد پهچي ڪافي وقت کان بيمارين سان جهيڙيندڙ سينئر صحافين پريس ڪلب ڀان سيدآباد جي سرپرستِ اعليٰ محمد اسحاق ميمڻ ۽ سرپرست محمد عثمان چنا جي عيادت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن ٻنهي بزرگ صحافين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا گهري ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي پي ايف يو جي اڳواڻن چيو ته محمد اسحاق ميمڻ ۽ محمد عثمان چنا سينئر ترين صحافي آهن، هنن ڏکئي وقت ۾ پنهنجا صحافتي فرض سرانجام ڏنا ۽ پنهنجي سڄي ڄمار عوام جي آواز جي اڀار ۾ وقف ڪري ڇڏي، حڪومت کي گهرجي ته اهڙن سماجي ڪردارن جي پرگهور لهي.
هنن چيو ته اسين ٻنهي بزرگ صحافين کي اڪليو نه ڇڏينداسين، سندن هر ممڪن مدد ڪنداسين.
ان موقعي تي دادو، سيوهڻ ۽ ڀان سيدآباد جا سينئر صحافي آصف علي ميمڻ، ولي محمد لنڊ، گلڻ ڀنڊ، ڪي ڪي بڙدي، ذوالفقار سولنگي، عارف حسين ميمڻ، آصف ملاح، گلشير بلوچ، پرديپ ڪمار، عبدالڪريم جمالي، راشد کوکر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
هوڏانهن ڀان سيدآباد پريس ڪلب جي صدر مظفر علي کوکر پاران مهمان صحافين کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڍايا ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں