23

نوازشريف جي ضامن شهباز شريف خلاف پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (اربع: 12 اپريل 2023ع) ليگي اڳواڻ نوازشريف جي لنڊن وڃڻ ۽ پوءِ واپس نه اچڻ جي معاملي تي تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري وزيراعظم شهباز شريف خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي درخواست ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ رياست کي ڌر بنايو ويو آهي. جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي ڪيس ۾ ڌر بنجڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

فواد چوڌري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف نوازشريف جي طبيعت خراب هجڻ سبب پرڏيهه وڃڻ جو ضامن هو. هن کي بطور ضامن نوازشريف کي ملڪ واپس آڻڻو هو پر ان جي ابتڙ نوازشريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪيو ويو.

نوازشريف هن وقت مفرور ڏوهاري آهي. فواد چوڌري درخواست ۾ چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ ڌر بنجڻ واري منهنجي درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏنو وڃي ته نوازشريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نامي بابت ڪيس ۾ مون کي ڌر بنايو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں