25

شھدادپور لڳ پيرسن جو واٽر مان لاش هٿ، اسپتال منتقل

شهدادپور: (اربع: 12 اپريل 2023ع) شھدادپور لڳ پيرسن جو واٽر مان لاش هٿ آيو ، پيرسن جو مڙهه سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو ويو.
واٽر ۾ پيل لاش کي علائقي واسين جي اطلاع تي مقصودورند پوليس پهچي مڙهه ڪڍرائي ضروري ڪارروائي لاءِ سِمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو، پيرسن جي مڙهه جي سڃاڻپ ڳوٺ ليمون فقير سنجراڻي واسي زميندار غلام محمد پنڃارو طور ٿي آهي.
جڏهن ته وارث وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي ويا.
مقصودورند پوليس ٻڌايو ته پيرسن جي لاش کي واٽر مان ڪڍرائي سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو آهي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي.
هوڏانهن پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ئي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں