سکر: (اربع: 12 اپريل 2023ع) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پروفيسر اجمل ساوند جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ سندس گهر پهچي ويو. غلام نبي ميمڻ پروفيسر اجمل ساوند جي وارثن سان تعزيت بعد کين قاتلن جي جلد گرفتاري جي آٿت ڏني.
آءِ جي سنڌ آڏو پروفيسر اجمل ساوند جي معصوم ٻارڙن پلي ڪارڊز کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پروفيسر اجمل ساوند جي وارثن آءِ جي سنڌ کي دانهن ڏيندي چيو ته پنجاهه کان وڌيڪ ڏوهارين جي گينگ ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر ٿاڻي جي ويجهو ويٺل آهي پر پوليس انهن خلاف ڪارروا؟ي نٿي ڪري اسان قبيلائي ويڙهاند کي نٿا مڃون.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته پروفيسر اجمل جو قتل افسوسناڪ عمل آهي. قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو ويندو.