24

سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز نه ڏيڻ تي حڪومت ۽ اسٽيٽ بينڪ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: (اربع: 12 اپريل 2023ع) پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز نه ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ناڻي ۽ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن لاءِ فنڊز جي فراهمي توهين عدالت جي ڪارروائي کان وڌيڪ اهم آهي. اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت فنڊ ناهن ڏنا جيڪا عدالتي حڪم جي توهين آهي، جنهن جا نتيجا قانون ۾ چٽا لکيل آهن.

چيف جسٽس سمورن آفيسرن کي 14 اپريل تي چيمبر ۾ طلب ڪري ورتو ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر کي موجود وسيلن بابت سمورا تفصيل به گڏ آڻڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ناڻي واري سيڪريٽري کي به سمورو رڪارڊ گڏ آڻڻ جي هدايت ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو. عدالت اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه چونڊن جي حوالي سان سمورو رڪارڊ آڻڻ جو حڪم ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں