21

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستن تي لارجر بئنچ قائم

اسلام آباد: (اربع: 12 اپريل 2023ع) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع خلاف درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي ويون.
سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 8 رڪني بئنچ جوڙي وئي آهي، درخواستن تي ٻڌڻي 13 اپريل خميس ڏينهن ٿيندي.
جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد به بئنچ ۾ شامل آهن.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف 4 درخواستون داخل ڪيون ويون هيون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں