ڪنڊيارو: (اڱارو: 11 اپريل 2023ع) ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ حويلي جي رهواسي پيرسن ڪاٺ جي واپاري ولي محمد سيال احتجاج ڪندي الزام لڳائيندي چيو ته ٻه مهينا پهريان دادو ضلعي جي سعدي موساڻي واري علائقي ۾ غلام مصطفيٰ سيال ۽ علائقي جي ماڻهن کان 12 لک جو ڪاٺ خريد ڪيو هو، ڊي ايف او ڪنڊيارو عملي سان گڏ غيرقانوني طور تي زبردستي ڪاٺ کڻايو، جنهن بعد ڊي ايف او آفيس ۾ مونکي ۽ ڀائٽي وڪيل احمد کي گھرائي آفيس جي ڪلارڪ خلاف بيان ڏيڻ جو چيو. اهڙي بيان کان انڪار ڪرڻ تي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
هن چيو ته رشوت پڻ طلب ڪئي وئي.
هن چيو ته لکين روپين جو ڪاٺ ڪنڊيارو ۽ جيڪب آباد وڪرو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته مون سميت ست ماڻهن خلاف ڪچي جي بکري ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
هن سنڌ هاءُ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيڪريٽري فاريسٽ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايف او خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
