اسلام آباد: (اڱارو: 11 اپريل 2023ع) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ ٻيهر آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان آبادڪاري کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي.
آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته اسلام آباد جا ڪابل ۾ حڪمران طالبان اڳواڻن سان سٺا لاڳاپا آهن پر افغان اختياريون پاڪستان تي حملن ۾ پنهنجي سرزمين جو استعمال روڪڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿيون، ڪالعدم ٽي ٽي پي اڄ به پاڪستان، خاص طور خيبر پختونخواهه تي حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري رهي آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ سان گڏ افغانستان جي هڪ مهينو اڳ دوري ۾ اهو معاملو بحث هيٺ آيو هو ۽ طالبان ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو هو، طالبان چيو هو ته هو پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندا، افغان طالبان ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي فاصلو چاهين ٿا.
سندس موجب عمران خان پنهنجي سڄي سياسي ڪيريئر ۾ اشارا ڏيندو رهيو آهي ته هو طالبان جو نظرياتي طور حامي آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ ٻيهر آبادڪاري عمران خان ۽ سندس حڪومت جي حڪمت عملي هئي ۽ ان آبادڪاري کي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي پر ڪالعدم ٽي ٽي پي اڳواڻن جي پاڪستان ۾ ٻيهر آبادڪاري جي حڪمت عملي ناڪام ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته ٽي ٽي پي جي ماڻهن وٽ آمريڪا جا افغانستان ۾ ڇڏيل جديد هٿيار موجود آهن، جڏهن ته ڀارت اڄ به طالبان جي مدد ڪري رهيو آهي
