19

يوٽيليٽي اسٽورن تي صحت لاءِ هاڃيڪار گيهه وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: (اڱارو: 11 اپريل 2023ع) يوٽيليٽي اسٽورن تي سبسڊائز گيهه ۾ خرد برد ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار گيهه وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي سبسڊائز گيهه ۾ خرد برد ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار گيهه وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو.
پي اي سي يوٽيليٽي اسٽورن تي صحت لاءِ هاڃيڪار گيهه وڪرو ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
ڪميٽي چيئرمين چيو ته غير معياري گيهه جي تصديق باوجود يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه وڪرو ڪيو پيو وڃي، يوٽيليٽي اسٽور اختياريون پي اي سي فورم تي ڪوڙ ڳالهائي رهيون آهن.
نور عالم خان چيو ته ماڻهن کي نقصانڪار گيهه کارايو پيو وڃي، ڪير پڇڻ وارو ناهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں