مٽياري: (اڱارو: 11 اپريل 2023ع) مٽياري ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خدابخش ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مٽياري ضلعي جي آءِ بي اي پاس پي ايس ٽي جي پهرين فيز ۽ ٻئي فيز جا جيڪي به استاد سنڌ حڪومت طرفان ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن جو تعداد هڪ هزار ستاويهه استاد آهن. اهي استاد هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهجي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن.
مختلف مٽياري ضلعي جي اسڪولن ۾ انهن استادن جي پگهار جي حوالي سان ايڇ آر ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪشور ٻڌايو ته اي جي آفيس کي لسٽ موڪلي وئي آهي، جيڪا اپ لوڊ ٿي رهي آهي، استادن جو تعداد وڌيڪ آهي، جنهن سبب لسٽ اپ لوڊ ٿيڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي ۽ ٽريزري آفيس عملي پاران به يقين ڌاني ڪرائي وئي آهي ته هن پيرول ۾ استادن جي پگهار ڪئي ويندي نه ته ٻئي صورت ۾ سپليمٽري ڪري استادن کي پگهارون جاري ڪيون وينديون.
ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر خدا بخش ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي ڪوشش آهي ته عيد کان پهرين استادن جي پگهار جاري ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجي ٻچن سان عيد جي خوشيون ملائي سگهن
