23

عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب

اسلام آباد: (اڱارو: 11 اپريل 2023ع) ملڪ ۾ عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 20 اپريل خميس ڏينهن (29 رمضان المبارڪ) تي مذهبي معاملن واري وزارت اسلام آباد ۾ ٿيندو.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير جي صدارت هيٺ ٿيندو، جڏهن ته زونل ڪميٽين جا اجلاس سڄي ملڪ ۾ مقرر هنڌن تي ٿيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں