24

سڪرنڊ جي آءِ بي اي پاس 2022ع جي پرائمري استادن جو يارهن مهينن کان پگهار نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

سڪرنڊ: (اڱارو: 11 اپريل 2023ع) سڪرنڊ جي آءِ بي اي پاس 2022ع جي پرائمري استادن پاران يارهن مهينن کان پگهار نه ملڻ خلاف صحافي چوڪ سڪرنڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڳاپيل ادارن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي.
ان موقعي تي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ استادن حق نواز انڙ، سانول ملاح، عمران جمالي، سيد عباس شاهه، ڄام فرحان انڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ بي اي پاس 2022ع جي پرائمري استادن جون پگهارون يارهن مهينن گذرڻ باوجود جاري ناهن ڪيون ويون. جنهن ڪري استادن جي گهرن ۾ فاقا ڪشيءَ جهڙي صورتحال آهي.
هنن چيو ته استاد تنظيم پ ٽ الف ڪنهن به قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هنن چيو ته فيميل ٽيچرز سميت سمورا استاد پابندي سان ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، تعلقي جي پري وارن اسڪولن ۾ ڊيوٽيءَ تي وڃڻ ڪري 15000 رپيا ڪرائي ۾ خرچ ٿي وڃن ٿا.
هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن جي اندر آءِ ڊيز نه کوليو ويون ته شاگردن سميت روڊن ۽ رستن تي ڪلاس هلائڻ شروع ڪنداسين.
جڏھن ته ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي تعلقي ايجوڪيشن پرائمري ميل آفيسر سيد قربان علي شاهه چيو ته جيڪي اسان وٽ نوان استاد آيا آھن، انھن جي جون پگھارون جاري ڪرائڻ لاءِ اسان جي ميل اسٽاپ ڏينھن رات محنت ڪري فائل مڪمل ڪري ڊي اي او نواب شاهه مان پڻ فائل مڪمل ڪرائي اسان ٽريزري آفيس نواب شاهه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. ھن چيو ته اسان پنھنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻ ٽريزري آفيس وارن جو ڪم آھي، اسان جي وڌ کان وڌ ڪوشش آھي ته استادن کي عيد جي موقعي تي پگھار جاري ٿئي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں