25

ڪوئٽه ۾ پوليس گاڏي ويجهو ڌماڪو: ٻن اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪوئٽه: (سومر: 10 اپريل 2023ع) ڪوئٽه ۾ شاهراهه اقبال تي پوليس وين ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته امدادي ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي.

پوليس موجب ڪوئٽه جي مصروف علائقي شاهراهه اقبال تي زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڌماڪي ۾ پوليس موبائيل کي نشانو بنايو ويو.

ڌماڪي سبب ڪيترين ئي گاڏين، ويجهن دوڪانن ۽ گهرن کي به نقصان پهتو آهي. امدادي ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي.

پوليس ۽ ريسڪيو ادارا ڌماڪي واري هنڌ پهچي ويا، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. اسپتال ذريعن موجب 4 ڄڻن جا لاش ۽ 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پوليس اختيارين موجب مارجي ويلن ۾ 2 پوليس اهلڪار به شامل آهن. ڌماڪي ۾ مارجي ويل چئن ڄڻن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں