اسلام آباد: (سومر: 10 اپريل 2023ع) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ بل منظوري لاءِ پيش ڪيو.
ان دوران پي ٽي آءِ سينيٽرن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعرا به هنيا، انهن بل جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ڊائس ڏانهن اڇلائي ڇڏيون.
اعظم نذير تارڙ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته بل منظوري لاءِ صدر کي موڪليو ويو هو، هن واپس ڪري ڇڏيو، صدر پنهنجي خط ۾ سوال اٿاريا آهن، جيڪي نامناسب آهن، صدر کي صلاح آهي ته هو رياست جي سربراهه طور ڪم ڪري پنهنجي جماعت جي ڪارڪن طور نه.
هن چيو ته صدر تعصب جي عينڪ لاهي بل پڙهي ها، سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ مقرر ڪرڻ به ايڪٽ آف پارليامينٽ مان ئي هوندو آهي، سپريم ڪورٽ جي اندران آواز اٿي رهيا آهن، آئين تحت قانون ساز ايوان پارليامينٽ آهي.
ن ليگ ميمبر شزا فاطمه خواجا بل ۾ ترميم پيش ڪئي، جنهن جي قانون واري وزير حمايت ڪئي.
پوءِ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي شق وار منظوري ورتي وئي، جنهن کي گڏيل اجلاس اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو
