25

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن (سائوٽا) پاران تمام سرگرميون معطل ڪري پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف ڪارو ڏينھن ملھايو ويو

ٽنڊوڄام | رپورٽ |سرفراز احمد شاھاڻي 10-4-2023 سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن (سائوٽا) پاران تمام سرگرميون معطل ڪري پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف ڪارو ڏينھن ملھايو ويو، فپواسا سنڌ چيپٽر جي سڏ تي سائوٽا صدر ڊاڪٽر فھد نظير کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي احتجاج پڻ ڪيو ويو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل جي وحشياڻي عمل جي مذمت ڪندي مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر اجمل جي بزدلاڻي حملي ۾ بيدردي سان قتل ٿيڻ تي سڄي استاد ڪميونٽي صدمي ۾ مبتلا آهي. اسان هن ڏکئي وقت ۾ سندس خاندان، دوستن ۽ ساٿين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، پروفيسر اجمل تي حملو صرف هڪ فرد تي حملو نہ پر سڄي تعليمي برادري تي حملو آهي، اسان اهڙي وحشياڻي عمل جي مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته انصاف ڪيو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن سنگين ڏوهه ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، اسان حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور ايڪشن کنيو وڃي تہ جيئن تعليمي ادارن جي استادن جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کنيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں