24

سليڪٽڊ کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائي ملڪ خلاف وڏي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: (سومر: 10 اپريل 2023ع) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائي ملڪ خلاف وڏي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سازش ڪامياب ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ سليڪٽڊ وزيراعظم، سليڪٽڊ چيف جسٽس ۽ سليڪٽڊ آرمي چيف هجي ها. قومي اسيمبلي ۾ آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر پاڪستاني لاءِ اڄوڪو ڏينهن اهم آهي. هن ڏينهن تي ملڪ جي گڏيل آئين جي بنياد رکي وئي. اسان مسئلن ۽ آمريت جو مقابلو ڪيو. پاڪستان جيڪڏهن گڏ آهي ته اها آئين جي زنجير آهي جيڪا ان کي جوڙي ٿي. اهو ڏينهن اسان جي تعليمي نصاب ۾ هجڻ گهرجي. ايندڙ نسلن کي هن ڏينهن جو ٻڌائڻ گهرجي. هي ڏينهن خوشي ۽ جمهوريت جي فتح جو ڏينهن آهي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ آمر نفرت ۽ انتقام جي سياست کي هٿي ڏني. هڪ هٿين خالي ڇوڪري آمر کي للڪاريو ۽ ان خلاف بيٺل رهي. ان ڇوڪري جي پاڪستان جي زمين تي قدم رکندي ئي ضياءُالحق جي آمريت جون بنيادون هلي ويون، بينظير ڀٽو آئين جي بحالي لاءِ 30 سالن تائين جدوجهد ڪئي، پرويز مشرف جيڪي ٻج پوکيا ان سبب اڄ به دهشتگردي ۽ ورهاست جي سياست کي منهن ڏئي رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته آمريت مان فائدو کڻندڙ هر شخص اڄ به هڪ ئي جڳهه تي جمع آهي. 2006ع ۾ پ پ ۽ ن ليگ جي قيادت چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ڪيون. 2011 کان سليڪٽڊ تماشو اسان جي سامهون بيهاريو ويو. انهن جمهوريت خلاف هڪ سازش شروع ڪئي. 2013ع ۾ پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي ٿي، سياسي استحڪام ملڻ کان پوءِ ئي معاشي استحڪام به آيو. پ پ چيئرمين چيو ته ڪجهه طاقتون 30 سالن کان جمهوريت خلاف سازشون ڪري رهيون هيون. ڪجهه طاقتن کان اقتدار پرامن منتقل ٿيڻ هضم نه ٿي رهيو هو. هڪ سليڪٽڊ راڄ هن ملڪ تي مڙهيو ويو، انهن جو مقصد پاڪستان لاءِ حاصل ڪيل ڪاميابين کي پوئتي ڪرڻ هو، هنن جو مقصد ون يونٽ قائم ڪرڻ هو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو خطاب دوران چيو ته اسان جي تاريخ ۾ بهادر ۽ غيرتمند ججز هميشه موجود رهيا آهن، هي اهي ئي ججز هئا جنهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ کان انڪار ڪيو، هي اهي ئي ججز هئا جنهن پرويز مشرف کي سليوٽ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، اهڙا به ججز اعليٰ عدليه ۾ وقت گذاري رهيا آهن جنهن آئين جو تحفظ ڪيو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه ججز هر آمر جو ساٿ ڏنو ۽ وزيراعظم جي خلاف فيصلو ٻڌايو. سپريم ڪورٽ ۾ به سازش ڪئي وئي، سازش ۾ شريڪ ججز اڄ به اعليٰ عدليه ۾ موجود آهن. اسان هڪ نه پر ٽن آمرن کي ڀڄائي چڪا آهيون اسان کي خبر آهي ته هر آمر جعلي ۽ سليڪٽڊ سياستدانن کي اڳيان آڻيندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عدم اعتماد سبب هڪ سليڪٽڊ وزيراعظم جي سازش کي ناڪام بنايو ويو.معزز جج صاحبان سياسي سوچ کي ڌار رکي پاڻ ۾ ويهن، هڪ بينچ هڪ ڪورٽ بڻجي پنهنجا فيصلا ٻڌائيندا ته اهي آئين موجب هوندا، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن هڪ ماڻهو جي آمريت هلندي، ون مين شو هلندو ته عدليه ايندڙ بحران نه سنڀالي سگهندي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ ۾ هن وقت آئيني بحران هلي رهيو آهي، 4 ججز جو فيصلو رڪارڊ تي آهي، چيف جسٽس ۽ ٻيا ججز اقليتي فيصلو اڪثريت ۾ ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، هو چئي رهيا آهن ته ٻن ججز جي نوٽ کي اهميت نه ڏيو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں