اسلام آباد: (سومر: 10 اپريل 2023ع) آصف زرداري وزيراعظم شهباز شريف کي اپوزيشن سان ڳالهين جو مشورو ڏئي ڇڏيو. آصف زرداري چيو ته ڳالهيون شروع ڪرڻ کان اڳ شرطون نه رکيون وڃن، انشاءَالله آئين کي ڪجهه به نه ٿيندو، نه ئي اسان ڪنهن کي آئين سان کيڏڻ ڏينداسين.
قومي اسيمبلي ۾ آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته منهنجو والد به هن اسيمبلي ۾ ويٺو ۽ آئين تي صحيحون ڪيون هيون. اسان جمهوريت بحال ڪئي هئي. جيڪو خواب ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن ڏٺو اهو پورو نه ٿي سگهيو، ڪوثر نياز جي ڪتاب تي ڳالهائيندس ته ٻيهر لائن ڪٽجي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته آئين جي نظام کي هڪ طرف کان ختم ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته هاڻ نظام مصطفيٰ آهي، اسان ڪڏهن به مذهب کي سياست لاءِ استعمال ناهي ڪيو. ڊگهي سفر دوران وڏا وڏا هيٺ مٿانهين جا هنڌ ڏٺا. مون وٽ سمورا راز آهن، ڪجهه شيئر ڪري سگهان ٿو، ڪجهه نٿو ڪري سگهان. شهيد بينظير ڀٽو چوندي هئي ته ڪجهه شيون اوهان کي قبر ۾ گڏ کڻي وڃڻيون پونديون. اسان ڪجهه شيون برداشت ڪندي قبر تائين هليا وياسين.
آصف زرداري چيو ته اسان پاڪستان ٺاهيو هاڻ ان کي بچائڻ به اسان جي مٿان فرض آهي. انشاءَالله آئين کي ڪجهه نه ٿيندو نه اسان ڪنهن کي کيڏڻ ڏينداسين، هي دوستن کي دشمن بنائڻ چاهين ٿا پر هاڻ ائين نه ٿيندو جيڪو چيو آهي ائين ئي ٿيندو.
اڳوڻي صدر وزيراعظم کي اپوزيشن سان ڳالهين جو مشورو ڏيندي چيو ته ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ شرطون نه رکيون وڃن. ڳالهين کان پوءِ اين آر او جي شڪل ۾ پرويز مشرف کان معافي گهرائي وئي، پرويز مشرف پاڻ معافي گهري ته اوهان سان زيادتي ڪئي وئي.
آصف زرداري زرداري چيو ته مون هر جڳهه تي مقابلو ڪيو ۽ مقابلو ڪندا رهنداسين. اسان کي ملڪ ٺاهڻو آهي، ڌرتي کي رت ڏنو ۽ اڳيان به ڏيندا رهنداسين. پيپلز پارٽي بي بي جي شهادت کان پوءِ هڪ ئي نعرو لڳايو ته پاڪستان کپي.
اڳوڻي صدر چيو ته جمهوريت پسندن جي لاءِ سازش هميشه اسان جي تاريخ جو حصو رهي آهي، اسان بلوچستان به وينداسين ۽ ڪي پي ڪي به وينداسين، جيستائين ساهه آهي جمهوريت کي هلائينداسين پاڪستان ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهندو اسان ان کي ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهارينداسين