ڪراچي: (ڇنڇر: 08 اپريل 2023ع) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان گرمي جي شدت ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ موسمياتي تجزئي نگارن ان جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي.
موسمياتي ماهرن موجب گوادر ويجهو سامونڊي سائيڪلونڪ سرڪيوليشن آهي، سائيڪلونڪ سرڪيوليشن سبب سامونڊي ڏينهن جو هوائن جو سلسلو بند رهندو آهي، جنهن ڪري گرمي جي شدت ۾ واڌ محسوس ٿيندي آهي.
موسمياتي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته اڄ رات کان 10 اپريل تائين سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي، 10 اپريل کانپوءِ اتر اوڀر کان هوائن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو، جنهن بعد گرمي جي زور ٽٽي ويندو.
موسمياتي ماهرن موجب مقامي سطح تي ڪڪر ٺهڻ سان ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي، ڪٿي هلڪي بوندا باندي جو امڪان آهي، جڏهن ته 21 اپريل تي اولهندي هوائن جو هڪ ٻيو سسٽم ملڪ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته عيد جي ڏهاڙن دوران موسم وچولي رهندي ۽ سامونڊي هوائون گهلنديون رهنديون.