25

ٻُٽڙي پاڙي جي رهواسڻ مھوش زال نويد ٿيٻو دانهيندي ٻُڌايو تہ هن جولاءِ 2022 ۾ نويد ٿيٻو سان نڪاح ڪيو هو جنهن تان سندس مائٽ ڪاوڙيل هئا جوابدار مون کي اڃا تائين حراسان ڪري رهيا آهن تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

خيرپور | رپورٽ فهيم زيدي 8-4-2023 ٻُٽڙي پاڙي جي رهواسڻ مھوش زال نويد ٿيٻو دانهيندي ٻُڌايو تہ هن جولاءِ 2022 ۾ نويد ٿيٻو سان نڪاح ڪيو هو جنهن تان سندس مائٽ ڪاوڙيل هئا جڏهن ته ڪجھ مهينا اڳ جوابدارن مون کي زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ 2 مهينن تان باندي بڻائي رکي مون تي مسلسل تشدد ڪندا رهيا منهنجي مڙس عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي جنهن بعد عدالتي حڪمن تي مون کي بازياب ڪرايو ويو منهنجو مڙس ڊيوٽي تي ڪوئٽا ۾ آهي مان پنهنجي ڏير سان گڏ رهندي آهيان جوابدار مون کي اڃا تائين حراسان ڪري رهيا آهن ۽ منهنجي ڏير، مڙس سميت ٻين گهر ڀاتين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حملا ڪرائي رهيا آهن جنهن ڪري اسان کي جوابدارن مان خطرو آهي – هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں