25

ليڊر ڊڄڻو ناهي هوندو، ڊڄڻو ماڻهو ليڊر نه نواز شريف بڻجي ويندو آهي: پي ٽي آءِ چيئرمين

لاهور: (ڇنڇر: 08 اپريل 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ن ليگ قائد نواز شريف کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
لاهور ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته الله پاڪ انسانن کي وڏيون صلاحيتون ڏنيون آهن، مان اسلام جو اسڪالر ناهيان پر مان سڀ ڪجهه پنهنجي زندگي مان سکيو آهي، جيڪو انقلاب پاڻ سڳورن صه جن آندو، اهو دنيا ۾ ڪٿي ناهي آيو.

هن چيو ته افغانستان کي 3 سپر پاور فتح نه ڪري سگهيا، ڀارت وارا اڳ ئي غلام هئا، اهي وڙهندا نه هئا، پاڪستان ۾ اسان جي جنگ حقيقي آزادي جي آهي، جرڳي ۾ طاقتور کي ڪمزور سامهون ويهاري انصاف ڪيو ويندو هو، اسان کي انصاف وٺڻو آهي ۽ آزادي جي جنگ لاءِ قوم کي تيار ٿيڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته سهولتڪارن اسان کي غلام سمجهي چورن جو ٽولو مٿان ويهاري ڇڏيو آهي، منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو، هاڻ علي امين کي گرفتار ڪيو ويو آهي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته اسان غلام آهيون، اسان سڀ ليڊر آهيون، ڇو ته اسان اشرف المخلوقات آهيون.

عمران خان چيو ته اسان پنهنجي صلاحيتن کي ناهيون آزمائيندا، جنهن جو وڏو سبب خوف آهي، ليڊر ڊڄڻو ناهي هوندو، ڊڄڻو ماڻهو ليڊر نه نواز شريف بڻجي ويندو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں