25

قاضي احمد پوليس جي ڪارروائي، 26 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

قاضي احمد: (ڇنڇر: 08 اپريل 2023ع) قاضي احمد پوليس ۽ نوشھروفيروز سي آئي پوليس جي گڏيل ڪاروائي چار ڪروڙ رپين جي ماليت جو 7 مڻ 26 ڪلو چرس هٿ، هڪ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويئي آھي.
ان حوالي سان قاضي احمد ۾ ڊي ايس پي شمس الدين ڀيو، ايس ايڇ او وحيد شيخ ۽ اي ايس آءِ مولا بخش چانڊيو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي تفصيل ڏيندي چيو ته پشاور کان ڪراچي ڏانهن چرس کڻي ويندڙ لينڊ ڪروزر پراڊو نمبر BG-9783 کي ناڪابندي ڪندي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته گاڏي ۾ سوار ٻن ڄڻن پوليس جي گاڏي مٿان جوابي فائرنگ دوران هڪ جوابدار پشاور واسي عارف ڪوڪي خليل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري گاڏي جي تلاشي دوران 7 مڻ 26 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، جنهن جي ماليت چار ڪروڙ رپيا آھي.

پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته مذڪوره چرس پشاور کان ڪراچي منتقل ڪرڻ بعد ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيو وڃي ھا، جڏهن ته پوليس ڪارروائي دوران هڪ جوابدار خيبر ايجنسي واسي محمد دائود مغل فرار ٿي ويو آھي.

هوڏانهن ٻئي طرف مذڪوره ٻنھي جوابدارن خلاف قلم 324.353.PPC سنڌ آرمس ايڪٽ تحت 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں