اسلام آباد: (ڇنڇر: 08 اپريل 2023ع) عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت دوران نڪاح جي الزام بابت ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي متلوي ڪئي وئي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ عمران خان ۽ بشري بي بي تي عدت دوران نڪاح جي الزام واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،
ٻڌڻي دوران اڄ مک شاهد مفتي سعيد احمد عمري تي روانگي سبب سندس بيان رڪارڊ ن ٿي سگهيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته شاهد مفتي سعيد عمري تي ويل آهي تنهنڪري عدالت ٻڌڻي تي ايندڙ تاريخ مقرر ڪري .
عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.