ڄامشورو: (جمعو: 07 اپريل 2023ع) ڄامشورو لڳ بااثر وڏيري پنهنجي عدالت قائم ڪري ڇڏي، وڏيري ۽ ان جي نوڪرن مبينا چوري جي الزام هيٺ پورهيت جي نڪ ۾ پيٽرول وجهي وحشياڻو تشدد ڪري بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن.
ڄامشورو ڀرسان بااثر وڏيري وارث ماڇي ٽريڪٽر جي چوري جي الزام ھيٺ ڳوٺ سومر برفت واسي پورھيت ڪريم بخش برفت کي پنهنجي اوطاق تي گھرائي پنهنجي نوڪرن سان گڏجي مبينا وحشياڻو تشدد ڪري پورھيت کي نڪ ۾ پيٽرول وڌو وحشياڻي تشدد بعد بيھوشي واري حالت ۾ وڏيري جا نوڪرن پورھيت کي لمس اسپتال ڄامشورو ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن بعد اطلاع ملڻ تي وارث لمس اسپتال ڄامشورو پھتا.
ان حوالي سان پورهيت ڪريم بخش جي وارثن ابراهيم برفت ۽ ٻين جو چوڻ هو ته وڏيري وارث ماڇي پاران پورھيت تي ٽريڪٽر چوري جو الزام مڙھيو ويو ھو، جنهن جي بي گناھي ثابت ڪرڻ لاءِ ھڪ ڏينهن اڳ اسان الزام ھيٺ آيل پورھت ڪريم بخش کي وڏيري وارث ماڇي جي اوطاق تي ڇڏي آياسين ته پويان وڏيري وارث ماڇي انجي پٽن ۽ نوڪرن گڏجي پورھيت کي ڪمري ۾ قيد ڪري وحشياڻو تشدد ڪري نڪ ۾ پيٽرول وڌو.
پورهيت جي وارثن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ڊي آءِ جي حيدرآباد نوٽيس وٺي پورھيت تي تشدد ڪندڙ وڏيري انجي ۽ نوڪرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري گرفتار ڪري متاثر پورھيت سان انصاف ڪيو وڃي.